ڪلاسيڪل دوهي جو فني ۽ فڪري جائزو
(The Artistic and Intellectual Study of Classical ‘Doho`)

مشتاق گبول

Abstract:

Meter is the basic element of poetry which lends musicality and rhythm to a poem. A variety of ‘Chhand’ meaning meter can be found in classical poetry. It is because of lack of awareness about and incapacity in the use of ‘Chhand’ Sindhi Classical poetry was called as improper. Only the poetry written abiding by the rules of prosody was called as proper. Chhand emerged in Sindhi Classical poetry from the time of Qazi Qadan. The successors of Qazi Qadan maintained this artistic tradition and subsequently the tradition of versification in accordance with ‘Chhand’ attained its maturity. In other words, Sindhi Classical poetry has been metrically/ versified in compliance with ‘Chhand’ and it is not in the least improper or non-metrical. Intellectually, the compassion for the oppressed and underprivileged finds its better expression in Sindhi Classical poetry.

Sindhi classical poetry hosts the universal values of transcendentalism and humanitarianism. Apart from this, Sindhi Classical Poetry boasts religious tolerance and human equality which the vision which exercised its impact on sindhi culture and spared it of the evils of the discrimination of cast, race, color and religious fanaticism.

Keywords: Sindhi Classical poetry, Poetry , Chhand, meter, couplet, etc.

ڇند، هندي شاعريءَ جي وزن جو علم آهي. هر ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جا پنھنجا مخصوص وزن هوندا آهن. وزن، شعر جو هڪ اهم ۽ بنيادي عنصر آهي. جنھن جي ذريعي شعر ۾ موسيقيت، لَئِه ۽ نغمگي پيدا ٿيندي آهي. شعر، وزن جي مخصوص سانچي مان نڪري خوبصورت شڪل وٺي بيھي ٿو. ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مختلف قسم جا ڇند ملن ٿا.ڇند کان اڻ ڄاڻائي ۽ اڻ واقفيت جي ڪري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي غير موزون سڏيو ويو ۽ علم عروض تي رچيل شاعريءَ کي موزون شاعري قرار ڏنو ويو. جن ڇندن تي ڪلاسيڪل شاعرن طبع آزمائي ڪئي، سي هي آهن.

دوها ڇند:

دوهي جو اهم وزن، دوها ڇند آهي. دوها ڇند ۾ ٽوٽل 48 ماترائون هونديون آهن. دوها ڇند جي هر دَل (مصرع) جي پھرين چرڻ ۾ 13 ماترائون ۽ ٻي چرڻ ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. دوها ڇند ۾ ٻه دل يا ٻه سٽون هونديون آهن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ مان پھرئين وڏي شاعر قاضي قادن هن ڇند تي سڀ کان اول لکيو آهي.

”پاڻي واڻي رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس،
رنگيندڙو پاڻ ڌڻي، سڀئي رنگ سنداس.“(1)

قاضي قادن کان پوءِ شاهه ڪريم هن ڇند تي ڪيترائي دوها رچيا:

”نينهن نياپي نه ٿي، سڌين سيڻ نه هون،
ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.“(2)

سورٺو ڇند:

هن ڇند ۾ پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ قافيا هوندا آهن. هن کي اُبتو دوهو به چوندا آهن. هن ڇند جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ يارهن يارهن (11،11) يا ڏهه ڏهه (10،10) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن (13،13) ماترائون هونديون آهن.

”تون ويرون ئي وير، جوڳي سو جو جَڳ ۾،
تون اسان جو پير، سوڌي ڏئين سرير ۾.“(3)

ور سا سُڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪلو،
سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪُوڙ ڪُماڙُئين.“(4)

شاهه لطيف هن ڇند تي تمام گهڻو لکيو آهي . هن ڇند ۽ هن صنف کي ڪماليت عطا ڪئي آهي.

هنس گيت ڇند:

هن ڇند جي هر دَل يا مصرع ۾ 20 ماترائون ۽ دوهي جي ٻنهي مصرعن جون چاليھه (40) ماترائون هونديون آهن. پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ يارهن يارهن  (11،11) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ نوَ نوَ (9، 9) ماترائون هونديون آهن. هن ڇند هيٺ قاضي قادن جي شاعري ملي ٿي.

”سَھِباز باز ٿئو، پکي نه ماري،
اک کوڙي عرس ۾، لُڏي مُناري.“(5)

دُوهَرا:

دوهرا (دوهي) ۾ هر دل  (مصرع) ۾ ٽيويھه 23 ماترائون هونديون آهن، دوهرا جي پھرئين ۽ ٻي دل (مصرع) جي پھرئين چرڻ ۾ تيرهن ماترائن بجاءِ ٻارهن ماترائون هونديون آهن. مطلب ته قديم دوهي جي طاق مصرعن ۾ هڪ هڪ ماترا گهٽ ڪئي وڃي ته ان کي دوهرا (دوهو) چوندا آهن. يعني پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12،12) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ يارهن يارهن (11،11) ماترائون هونديون آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن هن وزن ۾ به دوها لکيا آهن.

”لائي لام الف سان، ڪاتب لکين جيئن،
مون هينئڙو پريان سان، لڳو آهي نينھن.“(6)

شاهه ڪريم به هن وزن ۾ دوهو لکيو آهي.

”چرين جئين چت ڪرين، سڱ سڀئي ڇن،
جي ڀائين پرين مڙان، ته مت مون جي ڳن.“(7)

مالي ڇند:

هن ڇند جي هر دل ۾ ٻاويھه (22) ماترائون هونديون آهن. هن ڇند ۾ سڀ کان اول قاضي قادن لکيو آهي. هن ڇند ۾ بسرام يا وقفي جو ڪو اصول مقرر ناهي. ان لاءِ هن ڇند کي ڪلاسيڪل شاعرن ٻن نمونن سان لکيو آهي. هڪ نموني مطابق پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12،12) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ڏهه ڏهه  (10،10) ماترائون هونديون آهن.

”روز محشر ڏينھڙي، ستر سج تپن،
سڀو ئي جُهڙُ ڀانئيان، جي مون پرين مڙن.“(8)

شاهه ڪريم به هن ڇند ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي.

”پاڻي اُتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،
دانھون ڪن مُٺن جئن، دم نه سڃاڻن.“(9)

شاهه لطيف به هن ڇند ۾ لکيو آهي.

”چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.“(10)

هن ڇند جي ٻي نموني مطابق پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ ڏهه ڏهه (10،10) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12،12) ماترائون هونديون آهن. هن ڇند کي قاضي قادن ٻنهي نموني ڪتب آندو آهي.

”سوئيڙيان سَنَھڙو، جھ تَن ڪيوءِ نه تينوَ،
توکي اکڙين ۾، پِرِي پَيندو ڪينوَ.“(11)

ودوها يا بدوها ڇند:

هن ڇند جي هر دَل جي پھرئين چرڻ ۾ تيرهن (13) ماترائون ۽ ٻنهي سٽن جي آخري چرڻن ۾ ڏهه ڏهه ماترائون هونديون آهن. هن ڇند ۾ سڀ کان اول قاضي قادن جا دوها ملن ٿا.

”منجهين  مائو  ناهه  ڪو، پَسڻ  کي گهاٽي،
دُني ڪَسونڀي رنگ جيُون، ويندو  ئي  واٽي.“(12)

سنڌو ڇند:

هن ڇند ۾ 21 ماترائون هونديون آهن. هن ڇند ۾ وسرام يعني وقفي جو ڪو به اصول مقرر ناهي. ڀانو آچاريا جو چوڻ آهي ته هن ڇند جي هر مصرع جي شروع ۾ لگهو ماترا اچڻ گهرجي، پر نه به اچي، تڏهن به ڪو فرق نٿو پئي. هن ڇند ۾ سڀ کان اول قاضي قادن جي شاعري ملي ٿي.

”پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لک قراڻ،
لَکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ.“(13)

 

دگپال يا دڪپال ڇند:

هن ڇند جي هر دَل يا مصرع ۾ 24 ماترائون هونديون آهن. هن ڇند ۾ 12،12 ماترائن کانپوءِ وقفو ايندو آهي.

”پاڻياري سڀ ڪا، جا سر گهڙو ڌري،
ڪوئي سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.“(14)

لَلِت پد يا سار ڇند:

هن ڇند جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ سورهن سورهن (16،16) ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون هونديون آهن. هن ڇند ۾ سچل سرمست جي ڪافي ملي ٿي.

”پاڻان پاڻ ڪيوسي بيشڪ، هر صورت سيلاني،
سڀڪا صورت منھنجي آهي،آهيان لامڪاني،
ڪفر نه ڪو اسلام رهيو آ، لٿي راهه حيراني،
سچل نام ٿيو گم باقي، رهيو سر سبحاني.“(15)

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ دوهي جا قسم:

بڙو دوهو:

راجستاني دوهي جي هن قسم ۾ پھرئين دل جي وچ ۾ ۽ ٻي دل جي آخر ۾ قافيو ايندو آهي. دوهي جو هي قسم راجستاني ۽ سنڌيءَ ۾ ملي ٿو. اردوءَ ۾ الياس عشقي جي ڪتاب ’دوها هزاري‘ ۾ هڪ دوهو ملي ٿو. ٻي ڪنھن اردو شاعر وٽ بڙو دوهو نٿو ملي. دوهي جو هيءُ قسم سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ملي ٿو. جديد سنڌي شاعري ۾ دوهي جو هيءُ قسم نٿو ملي. بڙي دوهي جي پھرئين دل جي وچ ۾ قافيو ۽ ٻي دل جي پڇاڙي ۾ قافيو ايندو آهي. هيٺ مثال ڏجن ٿا ۽ قافيي جي هيٺيان لڪير ڏجي ٿي:

”سيئي سيل ٿئام، پڙهئام جي پاڻان،
 اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.“(16)

ڌڪين ڌات پئو، هيئنڙو لوهه سنداڻ جئن،
سنڀاري کي سڄڻين، ورڄي تان نه وئو.“(17)

”کمندڙن گهر کين، چوندڙ چڱا نه ٿيا،
ويڻينئون ويڌ پئي، هٿ نه اچي ڪين.“(18)

تڻويري دوهو

دوهي جي هيءَ اها هيئت آهي، جيڪا راجستاني ۽ گجراتي شاعريءَ ۾ ”تڻويري دوهي“ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. سنڌي بيت جي هيئت به اها ساڳي آهي، دوهي جون مختلف هيئتون آيون ۽ ويون. هڪڙيون هيئتون متروڪ ٿي چڪيون آهن ۽ ٻيون هيئتون الڳ صنف جو روپ ڌاري پنھنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري چڪيون آهن. انهن ۾ تڻويري دوهو، سنڌيءَ ۾ الڳ صنف بيت طور رائج آهي ۽ ”سورٺو دوهو“ به اردو ۾ سورٺا ۽ سنڌي ۾ سورٺي جي نالي سان الڳ صنف طور پنھنجي سڃاڻپ قائم ڪري چڪو آهي. تڻويري دوهو، سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجون جڙون پختيون ڪري چڪو آهي. هن جي پھرئين دل جي پڇاڙي ۾ قافيو ۽ ٻي دل جي وچ ۾ قافيو ايندو آهي. جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ، تڻويري دوهي کي خاص سنڌي قابليت سڏيو آهي، پر ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جو چوڻ آهي:

“Here is the “Khas Sindhi Qabiliyat”(Special sindhi ability) a fine masonry of lying the different hemistichs, bringing into internation the varied forms of Doha and turning them into a rich mosaic of bait, and not in the use of “TunveriDuho”and “BaroDoho”which are already there in Dingle.” (19)

اها روايت بڙي دوهي ۽ تڻويري دوهي جي ڊنگل جي شاعريءَ ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئي. جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي، راجستاني ۽ گجراتي شاعريءَ کان واقف نه هو.تڏهن هن بڙي دوهي ۽ تڻويري دوهي کي خاص سنڌي قابليت سڏيو هو. حقيقت ۾ ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارا بيت خاص سنڌي قابليت جا مثال آهن، پر هاڻي تڻويري دوهي، سنڌي شاعريءَ ۾ الڳ صنف بيت جي حيثيت سان سُڃاتو وڃي ٿو.

”پاڻياري سر ٻھڙو، جر تي پکي جيئن،
اَسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“(20)
”ملهه مھانگو قطرو، سڪڻ شھادت،
اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.“(21)

کرو دوهو: کري دوهي جي هيئت نرالي آهي. هن جي پھرئين ۽ ٽئين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن ماترائون هونديون آهن ۽ ان جا ٻئي چرڻ پاڻ ۾ هم قافيه هوندا آهن. ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ يارهن يارهن ماترائون هونديون آهن ۽ اهي ٻئي چرڻ پاڻ ۾ هم قافيه هوندا آهن. هن هيئت ۾  ٻه جدا جدا قافيه هوندا آهن.

”مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جو اپٽي ته واءُ،
جو پڌر وڌي ڳالڙي، تو ڇڏي وڃي ساءُ.“(22)

سورٺو دوهو: سورٺي جي ٻنهي مصرعن جي وچ ۾ قافيو هوندو آهي، انهي لاءِ سورٺو ”ابتو دوهو“ به سڏيو ويندو آهي. سورٺي ۾ پھرئين چرڻ ۽ ٽئين چرڻ ۾ قافيو هوندو آهي. پھرئين ۽ ٽئين چرڻ ۾ يارهن يارهن (11، 11) ماترائون هونديون آهن ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن (13، 13) ماترائون هونديون آهن.

”جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“ (23)

”تان ڪي ڳوري ڇُل، جان لاڙائو سڄ ٿئو،
هاڙي ڌاري هل، وڃي هوتن جو ٿئو.“(24)

هيئت جي لحاظ کان هيءُ دوهي جو هڪ قسم آهي. هن جي هيئت اهڙي نرالي آهي، جو ان جي ماترڪ ترتيب الڳ هجي ٿي. هن جي ماترڪ ترتيب هيئت جي لحاظ مطابق هجي ٿي. هن جي پھرئين چرڻ جي وچ ۾ ۽ چوٿين چرڻ جي آخر ۾ قافيو ايندو آهي. قاضي قادن بڙو دوهو ، دوها ڇند تي لکيو آهي.

”پِرِين وساري رت روئن، ڪَٻُڌي ري ڪارڻ،
ڪنچن راسِ وڃاءِ ڪي، ٻُڪئن ڌوڙ پَوَن.“(25)

شاهه ڪريم جي بڙي دوهي جي پھرئين ۽ چوٿين چرڻ ۾ ڏهه ماترائون ۽ ٻين ۽ ٽين چرڻ ۾ تيرهن ماترائون آهن.

”ڌڪين ڌات پئو، هِنئڙو لوهه سنداڻ جئن،
سنڀاري کي سڄڻين، وِرچي تان نه وِئو.“(26)

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هيئت ۾ تجربا:

ڪلاسيڪل دوهن ۾ دوهي جا مختلف قسم قديم دوهو، سورٺو، بڙو دوهو، تڻويري دوهو، کرو دوهو پنھنجي الڳ الڳ هيئت سان ملن ٿا.انهن هيئتن ۽ گهاڙيٽن جي ميلاپ سان شاهه ڪريم وٽ دوهي جي هيئت جو هڪ الڳ قسم به ملي ٿو. جيڪو شاهه ڪريم جو تجربو آهي. شاهه ڪريم جي تجربي ۾ دوهي جي ٻن مختلف قسمن ۽ هيئتن جو استعمال ڪيو ويو آهي. شاهه ڪريم بڙي دوهي ۽ تڻويري دوهي جي ميلاپ سان جيڪا نئين هيئت جوڙي آهي، ان ۾ دوهي جون ٻه مختلف هيئتون هئڻ سبب ٻه الڳ الڳ قافيا ملن ٿا.

”اسين تئان آئيون، جتي کونبو ناهه،
جي وڃن وياهه، ته پڻ مٿئون لوئيون.“(27)

پھرين قافيي جي هيئت ۽ سٽاءَ بڙي دوهي واري آهي ۽ ٻي قافيي جي هيئت ۽ سٽاءَ تڻويري دوهي واري آهي. بڙي دوهي ۾ پھرين مصرع جي وچ ۾ ۽ ٻي مصرع جي پڇاڙي ۾ قافيو ايندو آهي ۽ تڻويري دوهي ۾ پھرين مصرع جي پڇاڙي ۾ ۽ ٻي مصرع جي وچ ۾ قافيو هوندو آهي.

”اي در سندي مڱڻين، اڳ ائين نه هير،
جئين ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهين.“(28)

شاهه ڪريم جي جوڙيل هن هيئت ۾ پھريون قافيو ”مڱڻين ۽ سمهين“ آهي ۽ ٻيو قافيو ”هير ۽ پير“ آهي. ٻن هئيتن جي ميلاپ سان جوڙيل هيئت جي ٻن الڳ قافين جي استعمال سان دوهي جي موسيقي، ترنم ۽ لَئِه ۾ اضافو ٿئي ٿو. شاهه ڪريم جي اهڙن دوهن کي بڙي دوهي ۽ تڻويري دوهي جي ميلاپ وارا دوها چئي سگهجي ٿو. شاهه ڪريم جي جوڙيل هن هيئت ۾ شاهه لطيف جو دوهو ملي ٿو. دوهي جي اها هيئت رڳو شاهه ڪريم کانپوءِ شاهه لطيف وٽ ئي ملي ٿي، ٻي ڪنھن به ڪلاسيڪل شاعر وٽ اهڙي قسم جي تجرباتي هيئت نٿي ملي.

”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جئڻان اڳي جي جئا.“(29)

کرو سورٺو: کري سورٺي جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ قافيو هوندو آهي ۽ انهن هم قافيه چرڻن ۾ يارهن يارهن (11،11) ماترائون هونديون آهن ۽ ٻي ۽ چوٿين چرڻ جي پڇاڙي ۾ دوهي وانگر قافيو ايندو آهي ۽ ٻين ۽ چوٿين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن ماترائون هونديون آهن. کري دوهي ۽ کري سورٺي ۾ اهو فرق آهي ته کري دوهي جي ماترڪ ترتيب دوهي واري هوندي آهي ۽ کري سورٺي جي ماترڪ ترتيب سورٺي واري هوندي آهي.

”عين قصر در لک، ڪوڙين سھسين کڙڪيان،
جان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻ سامھان“(30)

”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.“(31)

لطيف کان اڳ واري ڪلاسيڪل دوهي شاعريءَ جو مختصر فڪري جائزو:

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جيڪو وحدت الوجود، مذهبي رواداري، انسان دوستي، پيڙهيل طبقي ۽ پورهيت طبقي کي اهميت ڏئي، هيرو ڪري پيش ڪرڻ وارو فڪر سمايل آهي، اهو فڪر هن ڌرتيءَ مان ئي ڦُٽي نڪتو آهي. ان فڪر جو تعلق ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي عملي زندگيءَ سان هو. اهو فڪر ان دور جي ماڻهن سان سلھاڙيل هو. انسانيت، مذهبي رواداري ۽ تصوف جي نظريي جھڙا، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان جڙيل فِڪَرُ ان دور جي ڪلاسيڪل شاعرن جي دوهي جا اهم موضوع هئا. انهن موضوعن سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۽ شعري صنف دوهي جي لھجي کي تبديل ڪري، فڪر جي نين راهن سان واقف ڪيو ۽ ڪيترين ئي نين روايتن جو بنياد پيو. دوهي ۾ فڪر جي نين روايتن جو بنياد وجهندڙ قاضي قادن آهي.

”قاضي قادن ان وقت جي قصيده گوئي ۽ قصه خوانيءَ واري درٻاري شاعري، توڙي مذهبي پرچار واري شاعريءَ کي هڪ نئون موڙ ڏئي، سنڌي شاعري کي ادبي معيار عطا ڪيو. هن سنڌي شاعريءَ کي چارڻن۽ ڀٽن جي قصيدن ۾ سمايل مبالغي جي دُٻڻ مان ڪڍي، ان کي فڪر ۽ فلسفي جي پڪي پختي زمين تي آندو ۽ ان کي اهو آڌار ڏنو، جنھن تي اڳتي هلي، اساسي (ڪلاسيڪي) سنڌي شاعريءَ جي عمارت کڙي ٿي. هن سنڌي شاعري مان مذهبي پرچار جي کوکلائپ هٽائي، ان ۾ تصوف ۽ معرفت جا ڳُوڙِها روحاني راز ۽ معنيٰ جا موتي پويا.“(32)

دوهو، سنڌي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن جي نين روايتن جي بنياد وجهندڙ صنف آهي. دوهي ۾ سمايل فڪر جي ذريعي سنڌي شعري ادب کي هڪ نئين شڪل ملي ۽ ان ۾ تازگي جو احساس پيدا ٿيو. ڪلاسيڪل شعري ادب کي جيڪا امتيازي خاصيت آهي، اها دوهي ۾ سمايل فڪر جي سبب آهي. دوهي جي صنف فڪري لحاظ کان قديم روايتن جي بنيادن کي اکوڙي، فڪر جي نين روايتن جي نئين عمارت کڙي ڪئي.

وحدت الوجود جي نظريي ۽ فڪر، مذهبي رواداريءَ کي هٿي ڏني. هن فڪر سان ڪلاسيڪل شاعرن پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي ذات پات جي فرق ۽ مذهبي تنگ نظريي کي رد ڪري، مذهبي ڪٽر پڻي، انتھا پسندي ۽ مذهبي تنگ نظريي خلاف جيڪا بغاوت ڪئي، ان جا اثر صدين تائين سنڌي ماڻهن جي ذهنن تي رهيا. اهو ان فڪر جو ئي ڪمال آهي، جو سنڌي ماڻهن انهن نظرين کان سدائين نفرت ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به ان کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نه ڏنو آهي.

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پيار، محبت، نياز ۽ نوڙت، تصوف ۽ ويدانت جو فلسفو ۽ مذهبي رواداريءَ جو فڪر سمايل آهي. ته ٻي پاسي پورهيت طبقي جي پورهيي جا ڳڻ به ڳايا ويا آهن. مذهبي ڪٽر پڻي ۽ تنگ نظريي خلاف ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ بغاوت جو عنصر ملي ٿو. جيڪي ماڻهو مذهبي ڪتابن کي ئي سڀ سمجهي، مذهبي ڪٽرپڻي سبب پري ٿي ويا هئا، انهن کي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هن ريت پيغام ڏنو ويو آهي:

 

”ڪنز قدوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام،
سو ڏيھو ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام.“(33)

انسانن سان محبت، انسانيت جا گڻ، مذهبي رواداري ۽ پاڻ سڃاڻڻ جھڙا عنصر، ڪلاسيڪل شاعريءَ جا اهم فڪري نُڪتا آهن:

”پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لک قرآڻ،
لکي لوڪ نه سگهيو پاڻي پاڻ سڃاڻ.“(34)

مٿئين دوهي ۾ پاڻ سڃاڻڻ وارو فڪر سمايل آهي. ڪلاسيڪل دوهي ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيت کي به ڳايو ويو آهي. پوءِ چاهي اها ڪا پاڻياري ئي ڇو نه هجي، جيڪا پورهيي ڪاڻ پاڻي ڀريندي هجي.

”پاڻياري سڀ ڪا، جا سر گهڙو ڌري،
ڪوئي سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.“(35)

اهو دوهو، پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو. ان دوهي ۾ هڪ غريب مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. جنھن ۾ پاڻي ڀريندڙ پورهيت عورت جي غربت، دک درد کي حقيقت پسنديءَ سان بيان ڪيو ويو. ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ غريب، پورهيت ۽ مظلوم طبقي جي حمايت ڪرڻ جي فڪر کان علاوه صبر ڪرڻ، ويڙهه، جهيڙي ۽ لڙائي کان پاسو ڪرڻ جو فڪر به سمايل ملي ٿو.

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾، تصوف ۽ ويدانت، انسان دوستي، پورهيت ۽ مظلوم طبقي جي ڀرجهلائيءَ جھڙا فڪر سمايل آهن. ڪلاسيڪل دوهي ۾ مذهبي رواداريءَ جھڙو فڪر به ملي ٿو ته ويڙهه جهيڙي کان نفرت ۽ صبر ڪرڻ جھڙو فڪر به ملي ٿو.

حوالا

  1. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، 103.
  2. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 90.
  3. ساڳيو، ص: 92.
  4. ساڳيو، ص: 88.
  5. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 82.
  6. ساڳيو، ص: 78.
  7. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 83.
  8. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 89.
  9. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 106.
  10. آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، مڪتبئه برهان، ڪراچي،1990ع، ص: 70.
  11. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 89.
  12. ساڳيو، ص:
  13. ساڳيو، ص: 77.
  14. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 86.
  15. ڀاوناڻي، جهمٽمل خوبچنداڻي، ڇند سڳنڌ، ڊجيٽل ڇاپو، 2018ع، ص: 102.
  16. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 106.
  17. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 82.
  18. آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، مڪتبه برهان، ڪراچي، 1990ع، ص: 40.
  19. Jotwani, moti lal, shah latif his work and life, 2006: 80.
  20. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 86.
  21. آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، مڪتبه برهان، ڪراچي، 1990ع، ص: 10.
  22. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 85.
  23. ٺڪر،هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 106.
  24. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 135.
  25. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص: 99.
  26. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 82.
  27. ساڳيو، ص: 87.
  28. ساڳيو، ص: 81.
  29. آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، مڪتبه برهان، ڪراچي، 1990ع، ص: 160.
  30. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع ،ص: 84.
  31. آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، مڪتبه برهان، ڪراچي، 1990ع، ص: 436.
  32. ٺڪر، هيرو، قاضي قادن جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع ،ص: 63 ۽  64.
  33. ساڳيو، ص: 77.
  34. ساڳيو، ص: 77.
  35. سنڌي،ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص: 86
317 ڀيرا پڙهيو ويو